ترمورتي ڪلامندر نڙياد

ترمورتي ڪلامندر، نڙياد: 1979ع ڌاري هن ناٽڪ منڊل جا بانيڪار کيمچند لکياڻي ۽ جڳديش لکياڻي هئا، جيڪي پاڻ خود هن منڊل جا مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار به هئا. هن منڊل: گھمنڊ، قرباني، لاٽري ۽ هند جو سپتر جھڙا مشهور ناٽڪ اسٽيج تي پيش ڪيا. هنن ڊرامن ۾ حصو وٺندڙ ڪلاڪار ڪشور ڪمار سچديو، لوڪچند واڌواڻي، کيمچند لکياڻي ۽ جڳديش لکياڻي هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو